شهداد خان کوسو

شهداد خان کوسو: شهداد کوسو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي حامي کوسا سردارن منجهان هو، غالبن جڏهن ميان نصير ڇنيءَ تي قبضو ڪيو هو، تڏهن شهداد کوسو ساڻس گڏ هو ۽ قبضي کانپوءِ علائقو سندس حوالي ڪيو هئائين. گولي فقير کوسي ۽ بشام فقير کوسي جي خاندان سان سندس تعلق ٿي سگهي ٿو. شهداد کوسي ڇني ۾ رهائش دوران ڇني کان الهندي ٽڪريءَ تي ڳوٺ ٻڌو جيڪو شهدادپور جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. ڪن روايتن موجب شهداد کوسي جي ڇنيءَ ۾ قيام سبب ڳوٺ ڇنيءَ جو نالو شهدادپور رکيو ويو. جڏهن هن علائقي ۾ کوسن جو شور برپا ٿيو هو، تڏهن غالبن شهداد کوسي غازي شاهه عرف گاجي شاهه جو ساٿ ڏنو هو، سندس مقبرو ڇني کان الهندي ٽڪريءَ تي اڄ به موجود آهي.


لفظ شهداد خان کوسوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو